اسلام ??باد-05 فيبروري (اي پي پي) انساني حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار مشعال ملڪ چي?? آهي ته ڪشميري ڪڏهن به ڀارتي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ معصوم ڪشميرين جو آزاديءَ وارو جذبو وڌي رهي?? آهي. يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي هڪ نجي ٽي وي چينل سان ??صو??ي انٽرويو ۾ هن ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ 5 فيبروريءَ جي اهميت تي زور ڀريو. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وِجه??. ه?? چيو ته فوجي طاقت ذريعي ڪشميرين جي آواز کي ڪچلڻ لاءِ هر وحشياڻو طريقو استعمال ڪرڻ باوجود ڀارت ڪشميرين کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام ??هيو ۽ انهن جي آزاديءَ وارو جذبو گذرندڙ ڏينهن سان گڏ زور وٺي رهي?? آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پوري سياسي، مذهبي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير مسئلي تي متحد آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ اهڙو مضبوط رشت?? آهي جو ڪوبه ڪشمير ڪاز سان غداري جو سوچي به نٿو سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي نئين حڪومت کي ڪشمير مسئلي جو سڀ کان وڏو چئلينج سامهون هوندو ۽ فوري ايڪشن وٺڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت ??صو??ي ڪشميري ڪميٽين سان گڏجي ڊگهي مُدي جي حڪمت عملي بڻائي رهي آهي. حڪومت ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪي?? آهي ۽ آئينده حڪومت به تحريڪ آزاديءَ کي ترجيح ڏي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن جي اداري ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرج??. ه?? چيو ته ڪشمير جا ماڻهو غير قانوني ڀارتي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي حملن سبب انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن.
ڪشميري ڪڏهن به ڀارتي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا: مشعال ملڪ
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa