ملتان – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نش??يات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملتان صوفين جي ڌرتي آهي، سرائيڪي فنڪارن ۽ گلوڪارن سرائيڪي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، پي ٽي وي ملتان سينٽر گذريل 16 سالن کان هن خطي جي خدمت ۾ جي عمل ۾ مصروف آهي، پي ٽي وي نيشنل ملتان جي نش??يات سيٽلائيٽ تي منتقل ٿيڻ سان هتان جي ماڻهن جو پراڻو مطالبو ??ور?? ٿي ويو آهي. نش??يات دنيا جي 50 ملڪن ۾ ڏسي سگهبي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن ملتان سينٽر جي 24 ڪلاڪ نش??يات جي افتتاحي تقريب کي سرائيڪي زبان ۾ خطاب ۽ ريڊيو پاڪستان ملتان سينٽر ۾ اپ گريڊ ڪيل جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ۽ اديبن ۽ شاعرن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ننڍي کنڊ ۾ سلسله سهرورديه حضرت بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني جي ڪري شروع ٿيو، اهڙي طرح ننڍي کنڊ ۾ سلسله قادريه اُچ شريف کان حضرت غوث بندگي شروع ڪيو. هن چيو ته ملتان خطي سدائين کان ادب ۽ فن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي، هن خطي ۾ ??ور?? ننڍي کنڊ مان فنڪار ۽ گلوڪار آيا، عظيم گلوڪار پٺاڻو خان، ثريا ملتانيڪر، استاد حسين بخش ڍاڍي، ب??رو ملتاني، نصير مستانه، جميل پروانه، عاشق حسين، رمضان حسين، پروين نظر، زاهده پروين، منصور ملنگي، غلام عباس ۽ ٻين گلوڪارن موسيقي جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽ سرائيڪي خطي جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو. هن چيو ته پي ٽي وي ملتان سينٽر گذريل 16 سالن کان هن خطي جي خدمت ڪري رهيو آهي، هتان جي ماڻهن جو پراڻو مطالبو هو ته پي ٽي وي ملتان جي نش??يات سيٽلائيٽ تي منتقل ڪئي وڃي جيڪو اڄ ??ور?? ٿي ويو آهي، پي ٽي وي نيشنل ملتان جي نالي سان نش??يات دنيا جي 50 ملڪن ۾ ڏسي سگهبي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته منهنجو هن خطي جي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن سان گهرو تعلق رهيو آهي، آئون جڏهن ڊي جي ريڊيو پاڪستان هئس ته قومي نش??ياتي رابطي تي سرائيڪي خبرن جو بليٽن شروع ڪرايو، ان وق?? يوسف رضا گيلاني پهريون بليٽن پڙهيو. هن چيو ته پي ٽي وي ملتان تان سيٽلائيٽ نش??يات جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هتان جا فنڪار، اديب ۽ شاعر هاڻي آساني سان ??ور?? دنيا ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سگهندا. هن چيو ته پي ٽي وي ملتان گذريل 16 سالن دوران خبر ۽ ڪرنٽ افيئرز جي شعبي جي پروگرامن کي بهترين طريقي سان ڪور ڪيو، اميد آهي ته اهو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته موجوده دور جي شاعرن احمد خان طارق، عاشق بزدار، اقبال سوڪڙي، شاڪر شجاع آبادي، رفعت عباس ۽ اشو لال کانسواءِ ڪيترن ئي شاعرن شهرت حاصل ڪئي. پي ٽي وي نيشنل ملتان جي سيٽلائيٽ تي اچڻ کانپوءِ شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي وڌيڪ موقعا مليندا. ان کان اڳ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان ملتان سينٽر ۾ جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ڪيو. نگران وفاقي وزير جڏهن ريڊيو پاڪستان ملتان سينٽر پهتو ته ڊي جي ريڊيو سعيد احمد شيخ ۽ ريڊيو پاڪستان جي ٽيم ۽ ٻين سندس استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان ريڊيو سينٽر ملتان ۾ اپ گريڊ ڪيل جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ڪيو. ريديو پاڪستان ملتان ۾ خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ ۾ جديد ترين ڊيجيٽل اسٽوڊيو ٺاهيا ويا آهن. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ اديبن، شاعرن، صحافين ۽ لوڪ فنڪارن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. هن چيو ته نگران حڪومت وٽ محدود وقت ۽ محدود اخ??يا?? آهن، اسان وٽ وڏا فيصلا ڪرڻ جو اخ??يا?? نه آهي، محدود وقت ۾ بهتر کان بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته قانون موجب ريڊيو پاڪستان سميت سمورين ڪار??ور??شنز کي بورڊ آف ڊائريڪٽرز موجب هلائڻو هوندو آهي، ڪار??ور??ٽ گورننس جي حوالي سان قانونسازي ڪئي وئي آهي، قانونسازي ڪار??ور??ٽ گورننس کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. ڪار??ور??ٽ گورننس سان ادارن جي آزادي تي ڪو اثر نه پوندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان ملتان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.
ملتان صوفين جي ڌرتي آهي، سرائيڪي فنڪارن ۽ گلوڪارن سرائيڪي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب