اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ڪئناڊا، آسٽريا، شام، سربيا ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نئين سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڪئناڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون، آسٽريا ??ي نامزد سفير مسز اينڊريا وڪ، شام جي نامزد سفير ڊاڪٽر رميز الراعي، سربيا ??ي غيرمقيم نامزد سفير ڊريگن ٽوڊورودڪ ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نامزد سفير لاڊيسلا وباليڪ بعد ۾ صدر سان جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر ڪئناڊا جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ڪئناڊا سان معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ وڏي اقتص??دي صلاحي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. هن چيو ته ڪئناڊا جي ڪاروباري ادارن کي ??اڪستان ۾ موجود موقعا ڳولڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي، ريڪوڊڪ منصوبي جو حل هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، اميد آهي ته ان سان پاڪستان ۾ ڪينيڊين سيڙپڪاري جي وڌيڪ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر سان ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هو. پاڪستان ۾ آسٽريا ??ي سفير اينڊرياوڪ پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان آسٽريا ??ان لاڳاپن کي ??طرفو ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي سيڙپڪاري جي نظام مان آسٽريا ??ي ڪمپنين کي ??ائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته آسٽريا ??ون ڪمپنيون پاڪستان ۾ خصوصي اقص??دي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي غور ڪن، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته نئون سفير ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ انهن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. صدر ٻطرفي واپار ۽ اقتص??دي تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي عالمي مسئلي کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ آسٽريا ??ميت پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر شام جي سفير ڊاڪٽر رميز الراعي پڻ ملاقات ڪئي. هن پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ مختلف سطحن تي قيادت ۾ مستقل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته شام سان پاڪستان جا لاڳاپا گهڻ رخا ۽ گهري پاڙون رکندڙ آهن. صدر شامي حڪومت پاران پاڪستاني زائرين جي لاءِ گروپ ويزا کولڻ جي دوستاڻي قدم کي ساراهيو. هن ??نه?? ملڪن جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ دمشق جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون هلائڻ جي فيصلي کي ??ڻ ساراهيو. سربيا ??ي غيررهائشي سفير دراگان تودوروڪ پڻ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته ??نه?? ملڪن کي ??طرفا اقتص??دي ۽ واپاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان 22 ڪروڙ آب??دي تي ٻڌل هنرمند ۽ نيم هنرمند ڪارڪنن جي مثالي مارڪيٽ آهي، سربيا پاڪستان جي افر??دي قوت سان ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ فائدو کڻي سگهي ٿو، پاڪستان جا هنرمند نوجوان تعميراتي شعبي ۾ سربيا ??ي مدد ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي سان سلوواڪ ريپبلڪ جي سفير لاڊيسلا وباليڪ پڻ ملاقات ڪئي. هن چيو ته اميد آهي ته نامزد سفير ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. صدر چيو ته پاڪستان جي سيڙپڪاري جون پاليسيون لبرل آهن، پاڪستان جو اسٽارٽ اپ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. صدر چيو ته خصوصي اقتص??دي زونز ۾ سلوواڪ سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين.
صدر کي ڪئناڊا، آسٽريا، شام، سربيا ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نئين سفيرن پاران سفارتي سندون پيش
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ