اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سمورن شهيدن کي انهن جي لازوال قربانين تي زبردست خراج عقيدت ۽ انهن جي گهرڀاتين کي انهن جي عزم ۽ استقامت تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو آهي. والاريل ڪشمير تي ڀارتي جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي انهن جي مرضي جي خلاف غيرقانوني قبضي کي 75 سال مڪمل ٿيا آهن. 75 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي فوج بردستي والاريل ڪشمير ۾ لاٿي ۽ ان وقت کا?? ڀارت علائقي تي زبردستي ۽ غيرقانوني قبضو جاري رکيو آهي. هن چيو ته 7 ڏهاڪن کا?? وڌيڪ عرصي کا?? ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار زبردست مشڪلاتن جي خلاف اميد جي جنگ، خوف جي خلاف همت ۽ ظلم جي خلاف قرباني جي جنگ رهيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلين جي لاءِ ڀارت جي ڪڌ مهم 5 آگسٽ 2019ع کا?? تيزي سان جاري آهي جڏهن ڀارت پنهنجي ئي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي رد ڪري ڇڏيو جنهن والاريل ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني هئي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت گ??ري?? 3 سالن دوران جابراڻا قدم کنيا جن جي ذريعي ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي علائقن ۾ هندو اڪثريتي چونڊ تڪ ٺاهيا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا، زمين ۽ ملڪيت بابت نوان قانون ۽ ٻيا توسيع پسنداڻا ۽ جابراڻا قدم شامل آهن. هن چيو ته چونڊ فهرستن ۾ غيرڪشميري رهواسين کي شامل ڪيو پيو وڃي، اهي غيرجمهوري ۽ غيرقانوني قدم گڏيل قو??ن جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جو ڀارت جو ڪڌو قدم بدنيتي تي ٻڌل مهم کا??سواءِ ڪجهه ن?? آهي. هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج جي موجودگي سان والاريل ڪشمير دنيا جي سڀ کا?? وڌيڪ فوجي رکندڙ علائقن مان هڪ بڻجي ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميرين جا 3 نسل دنيا ۽ گڏيل قو??ن جي واعدن جو انتظار ڪندا رهيا ته اهي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان عالمي برادري کا?? مطالبو ڪري ٿو ته اها ڀارت کي جوابده بڻا??ڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سمورن شهيدن کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil