اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل انتونيو گوتريس امير ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي سبب ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي ٿيل تباهي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مدد لاءِ وسيع مالي وسيلن جي ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ امير ملڪ هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي مدد ڪن. هن سالياني پري جن??ل اسيمبلي پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان جي سرڪاري خابرو ايجنسي اي پي پي جي نمائندي طرفان پڇي?? سوال جي جواب ۾ چي?? ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو موسمياتي بحران تي عالمي سطح تي ناڪافي قدمن جو ثبوت آهي. مشڪل جي هن گهڙي ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چي?? ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي جو اندازو لڳائڻ ناقابل تصور آهي جيڪو هن پهرين ڪڏهن به ناهي ڏٺو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل چي?? ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقا منهنجي ملڪ پرتگال جي ڪل ايراضي کان به ٽيڻ تي وڌيڪ آهن. هن چي?? ته گڏيل قومون پاڪستان جي مدد لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ آهن پر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي ٿيل تباهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد لاءِ وسيع مالي وسيلن جي ضرورت آهي، جيڪي وڏي ٽاسڪ لاءِ تمام ضروري آهن ۽ ان سلسلي ۾ امير ملڪ هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچن. هن چي?? ته ماحولياتي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ عالمي سطح تي قدم ناڪافي ۽ غير منصفاڻا آهن ۽ هي هڪ دوکو آهي، هن چي?? ته چاهي پاڪستان هجي، آفريقه، سمنڊ، ننڍا ٻيٽ يا گهٽ ترقي يافته ملڪ، دنيا ??ي انتهائي ڪمزور ملڪ ماحولياتي بحران پيدا ڪرڻ جو سبب نه آهن پر اهي ملڪ ڪاربن اخراج جو سبب بڻجندڙ وڏن ملڪن جي خوفناڪ قيمت چڪائي رهيا ??هن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل دنيا ??ي امير ملڪن جي سربراهن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چي?? ته هو ماحولياتي بحران سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ج?? ذميدار آهن ۽ اهو ئي نه رڪارڊ ڏڪار، ٻيلن ۾ باهه ۽ ٻوڏ، ماحولياتي تبديلي جا وسيع پئماني تي اثر پيا ??هن.هن زور ڀريو ته سمورن ملڪن کي هر سال ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري تائين محدود رکڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن زور ڀريو ته سمورا ملڪ هن وقت گرمي پد ۾ گهٽتائي آڻين، ڇو ته دنيا ??ڄ ٻوڏ کان محفوظ نه ٿيندي ته اسان جو سڀاڻي به محفوظ نه هوندو.
امير ملڪ هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي مدد ڪن: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون