اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان خادم ??لحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شه??اده محمد بن سلمان پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿ??ند?? جاني نقصان تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ٽوئيٽ موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر کي ٻوڏ سبب ٿ??ند?? المناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو هڪ پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ خادم ??لحرمين الشريفين صدر، فوت ٿ??ند??ن جي گهرڀاتين ۽ پاڪستاني عوام سان تعزيت ڪئي آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته اسان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ توهان سان گڏ آهيون. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شه??اده محمد بن سلمان پڻ صدر کي اهڙو ئي پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ هن چيو ته سعودي عرب ان افسوسناڪ صورتحال ?? پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. سعودي ولي عهد صدر ۽ فوت ٿ??ند??ن جي گهرڀاتين سان پنهنجي گهري ڏک ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿ??ند??ن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : راکی