دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير جي والد شيخ حمد بن خليفا الثاني ۽ والده موزه بنت نصر سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ??ي لاءِ انهن جي ڪردار کي ??اراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجو ۽ پنهنجي وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا، ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪ??و ۽ گڏيل اعتماد ?? حمايت جي مضبوط بنياد تي قائم قطر سان پراڻن ۽ ويجهن لاڳاپن کي پاڪستان پاران ڏيندڙ اهميت جو ذڪر ڪ??و. 1999ع ۽ 2017ع ۾ قطر جي امير جي والد جي پاڪستان جي دورن جو ذڪر ڪ??دي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ??ي لاءِ ان جي ڪردار کي ??اراهيو ۽ ان جي دور ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ استحڪام جو اعتراف ڪيو. قطر جي امير جي والده شيخه موزه بنت نصر جي سرپرستي ۾ ”تعليم سڀ کان وڌيڪ“ پروگرام جو ذڪر ڪ??دي وزيراعظم انساني همدرديءَ ۽ خيراتي سرگرمين جي لاءِ ان جي ڪوششن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خاص طور تي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلا لاءِ خدمتن کي ??اراهيو. وزيراعظم قطر ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ قطر ۾ رهندڙ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم قطر جي ويزن 2030ع جي حوالي سان قطر سان وڌيڪ تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ميزباني تي قطر جي لاءِ خيرسگالي جذبن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪ??و. وزيراعظم ان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.
وزيراعظم جي قطر جي امير جي والد ۽ والده سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا