اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 22 اپريل تي پنجگور ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر شاهد بشير جي والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد کي عظيم قرباني تي خ??اج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان ڳالهائ??ند?? شهيد جي والده چيو ته وطن جي خاطر هڪ ٻيو پٽ به شهادت لاءِ موڪلڻ چاهيان ٿي. صدر عارف علوي 22 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ سرحد پار حملي جي شهيدن جي پوئينرن سان به تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر حوالدار تيمور، سپاهي ثاقب نواز ۽ نائيڪ محمد شعيب جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي قرباني?? کي خ??اج عقيدت ۽ وارث?? لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي بلند د??جن، وارث?? کي پيارن جي جدائي جو ڏک برداشت ڪرڻ جي همت لاءِ به دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات