اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اڪبر ايس بابر جي دعوائن جو پول کولي ڇڏي?? آهي، اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ وٺڻ جا طعنا ڏيڻ وارا مريم ۽ بلاول پنهنجي پارٽ?? اڪائونٽس جو جواب ڏين. اڪبر ايس بابر جي درخواست ۽ گڏ لڳل سڀئي دعوائُون ڪوڙيُون ثابت ٿيُون آ??ن، ڪو ثبوت موجود نه هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي جي فنڊنگ جي حوالي سان ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اڄ اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ جمع ٿي آهي، پي??وائيز جواب اليڪشن ڪميشن جي سامهون رکي رهيا آهيون، انهي رپورٽ ۾ اڪبر ايس بابر جيڪو چار سال آئيني فورم جي سامهون اچي اهو چوندو رهيو ته فارن فنڊنگ ورتي آهي، مون وٽ ثبوت موجود آ??ن، اها درخواست خارج ٿيڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن ۾ هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، ان درخواست ۾ درخواست ڪئي وئي آه?? اڪبر ايس بابر کي ان ڪيس کان ڌار ڪيو وڃي، اسڪروٽني ڪميٽي جيڪا رپورٽ پي?? ڪئي آهي اليڪشن ڪميشن ان ڪيس کي ٻڌندي رهي، مملڪتي وزير چيو ته اڪبر ايس بابر اسڪروٽني ڪميٽي کي مطئمن ناهي ڪري سگهيو ان کي ڌار ڪيو وڃي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جو فارن فنڊنگ ڪيس هلي رهي?? آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڳجهن اڪائونٽس جا تفصيل نه ڏئي سگهيون، ڪروڙين روپين جا ڪي به ثبوت نه آ??ن، پاپڙ وارا، فالودي وارا ۽ مئل ماڻهن ج?? اڪائونٽس مان پئسا نڪري رهيا آ??ن، اسڪروٽني ڪميٽي ميمبرن جي رٽائرڊ ٿيڻ سان غير فعال ٿي چڪي آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ وٺڻ جا طعنا ڏيڻ وارا مريم ۽ بلاول پنهنجي پارٽ?? اڪائونٽس جو جواب ڏين، پي ٽي آءِ پنهنجا سمورا ثبوت پي?? ڪيا، باقي به اڳتي وڌن. ڪڏهن عدالتن تي حملا، ڪڏهن جسٽس قيوم جهڙن ماڻهن کان مرضي جا فيصلا ٻڌائيندا آ??ن، راڻا ثناءُ الله جي ججز کي تازي ڌمڪي سڀني جي سامهون آهي، اهو عدليه تي حمل?? آهي، اعليٰ قيادت جو نوٽيس نه وٺڻ جو مطلب اه?? آهي ته انهن جي پارٽي پاليسي آهي، انهن ڀڀڪين سان ڪجهه ناهي ٿيڻ وارو. مسرور انور ڪير آهي، فرخ حبيب چيو ته اسان جو مطالب?? آهي ته رانا ثناءُ جي عدليه ڌمڪين تي ن ليگ معافي گهري، پهريون ڀيرو طاقتور جو احتساب ٿي رهي?? آهي اسان احتساب جي عمل سان گڏ آهيون.
اسڪروٽني ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اڪبر ايس بابر جي دعوائن جو پول کولي ڇڏيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز