اسلام ??باد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته پاڪ چي?? حصيداري بين الرياستي لاڳاپن ۾ بي مثال آهي، اڻٿڪ گڏيل حمايت، هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ گڏيل احترام ??ي بنياد تي اسان جي دوستي جي تاريخ منفرد حيثيت رکي ٿي جنهن کي گذريل 7 ڏهاڪن کان نسل درنسل اسان جي قيادت ۽ عوام مسلسل پروان چاڙهيو آهي، اهو گڏيل ڀائيچارو هڪ مضبوط ۽ فعال سدابهار تزويرا??ي مددگار حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اها ڳالهه هن ناليواري چي??ي اخبار گلوبل ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مض??ون ۾ چئي. وزيراعظم چي?? ته اسان جا رابطا عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي لاهن چاڙهن کان قطعي نظر آزمايل ۽ هر وقت آهن. گذريل سال اسان جي سفارتي لاڳاپن جي قيام ??ي 70 هين سالگرهه ملهائڻ لاءِ عظيم الشان تقريبن اسان جي دوستي کي نئين قوت ۽ ولولو ڏنو آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۾ اسان جي لاءِ چي?? سان لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آ??ن، جنهن کي سياسي حمايت حاصل آهي ۽ آئون اها ڳالهه پوري اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته اسان جي عوام ??ن دوستي جي حقيقي قدر جو ڀرپور ادراڪ رکي ٿي ۽ ان جي وڌيڪ فروغ لاءِ جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم عمران خان چي?? ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سرمائي اولمپڪ گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ چي?? جو دورو ڪندو. هو پاڻ هڪ رانديگر هجڻ جي ناطي ان جذبي کي سمجهي ٿو جيڪو هڪ قوم ۾ اولمپڪس جهڙين راندين جي مقابلي سان پيدا ٿئي ٿو، آئون سمجهان ٿو ته رانديون يڪجهتي جو عنصر هونديون آهن ۽ اهي سياست کان مٿانهون هجڻ گهرجن. وزيراعظم ان وڏي ايونٽ جي ميزباني تي چي?? جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن جي صحت ۽ تحفظ ۽ ڪامياب راندين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪ چين حصيداري بين الرياستي لاڳاپن ۾ بي مثال آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس