اسلام آباد – 19 ̵1; مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ ڊاڪٽر احمد نصير المحمد الاحمد الجابر الصباح جي ايو??ن صدر ۾ ملاقات دوران ٿيو. ايو??ن صدر مان جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڪويت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن گڏيل فائدي لاءِ ٻه طرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳاله??ئي??دي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڪويت سان خوشگوار ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان ڀائر ملڪ ڪويت سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته تعليم، صحت ۽ سائنس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان ڪويت کي هنرمند افرادي قوت ۽ ٻين پيشيوراڻي ماڻهو مهيا ڪر?? سگهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ڪويت کي فوجي اهلڪارن کي پنهنجي فوجي تربيتي ادارن ۾ تربيت فراهم ڪر?? سگهي ٿو.
پاڪستان ۽ ڪويت پاران ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری