اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت مول??نا فضل الرحمان جي 1993ع کان وٺي 2018ع تائين مختلف دورن ۾ پنهنجي ڀاءُ، ناٺيءَ ۽ فرنٽ مينن ذريعي اربين رپيا ماليت جون بي نامي ملڪيتون ٺاهڻ، ڊيزل اسمگلنگ، فنڊز ۾ بي ضابطگين ۽ ڪرپشن بابت تفصيل جاري ڪ??دي گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور مول??نا فضل الرحمان تي ملڪ ۾ فرقيواريت پکيڙڻ ۾ ملوث هُجڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته مول??نا جي ملڪيتن جي حو??لي سان ثبوت موجُود آهن، مول??نا فضل الرحمان کي چئلينج ڪريان ٿو ته اهو ڪوڙ آهي ته اسان جي خل??ف هتڪ عزت جو نوٽيس موڪلي، مول??نا فضل الرحمان ٻڌائي ته سندس ٻاهرئين قوتن سان ڇو رابطو آهي، انڊين نيشنل سيڪيورٽي ايدوائيزر سان ڪهڙ حو??لي سان گڏجاڻي ٿي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.
مولانا فضل الرحمان ٻڌائي ته سندس ٻاهرئين قوتن سان ڇو رابطو آهي: علي امين گنڊاپور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج