بيجنگ – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عو??مي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي 8 کان 9 آڪٽوبر تي چين جو دورو ڪيو. دوري دوران وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي چيانگ ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪيمٽي جي چيئرمين لي ??ان شو سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم عمران خان چين جي ڪاروباري اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي وسيع ا??بنياد ٻطرفن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوا??ي سان جاري ٿيندڙ گڏيل پڌرنامي موجب ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، گڏيل اتفاق راءِ ۽ اسٽريٽجڪ اعتماد جي ڀرپور عڪاسي نظر اچي ٿي.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ