اسلام آباد ?? 24 ??گسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اج??اس بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ??اري وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته هي ڪابينا جو ٻيو اج??اس هو، گذريل حڪومت جي دور ۾ ڪابينا جا اج??اس گهٽ ٿيندا هئا پر موجوده حڪومت هڪ هفتي ۾ ٻه اج??اس ڪيا آهن. اطلاعات ??اري وزير ڪابينا اج??اس جي فيصلن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، نواز شريف آخري سال ۾ 51 ارب رپين جا صوابديدي فنڊز خرچ ڪيا، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي اهڙي طرح بيدردي سان استعمال نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن اهڙي طرح اربين رپين جي غلط استعمال کي روڪيو وڃي ته ان جو به قومي ناڻي کي فائدو ٿيندو.
وفاقي ڪابينا پاران صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena