واشنگٽن-01 جنوري (اي پي پي)آمريڪا هلندڙ سال چونڊن کان اڳ غلط معلومات ذريعي آمريڪ?? ووٽرز کي نشانو بنائڻ جي الزام تي ايران ۽ روس جي ٻن اد??رن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ناڻي واري کاتي جي عملدارن پابندين جو اعلان ڪندي الزام لاڳو ڪيو ته ٻنهي اد??رن نومبر کان چونڊن کان اڳ آمريڪ?? ووٽرن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آمريڪي ڳجهن اد??رن ٻنهي حڪومتن تي اهو الزام لڳايو ته هو جعلي ڊويزن، خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽن ذريعي غلط معلومات پکيڙي رهيون آهن، اه?? ووٽرن تي اثر انداز ٿيڻ ۽ آمريڪي چونڊن ۾ اعتماد کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڊزائين ڪيون ويون هيون. عملدارن چيو ته روس ۾ موجوده روس جو اد??رو سينٽر فار جيو پوليٽيڪل ايڪسپرٽيز آمريڪي اميدوارن جي با??ي ۾ غلط معلومات پکيڙي ۽ مالي مدد ڪئي، ان ۾ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪندي ٺاهيل ڊيپ فيڪ وڊيوز به شامل هيون. روس ۽ ايران جي اختيارين انهن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو ته هنن 2024ع جي چونڊن جي نتيجن تي اثر اندز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
آمريڪا پاران چونڊن ۾ غلط معلومات پکيڙڻ جي الزام سبب ايران ۽ روس جي ادارن تي پابنديون لاڳو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia