بيجنگ -27 نو??بر (اي پي پي) چين ج?? حڪومت دفاع واري وزير ڊونگ جون خلاف ڪرپشن الزامن ج?? جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونگ جون چين ج?? ٽيون دفاع وارو وزير آهي جيڪو ڪرپشن ج?? الزامن تي جاچ هيٺ آيو آهي. صورتحال کان واقف موجوده ۽ اڳوڻي آمريڪي اختيارين ج?? حوالو ڏيندي برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز چيو آهي، ته ڊونگ خلاف جاچ فوجي بدعنو??ني خلاف چين ج?? حڪومت جي وسيع تر جاچ جو حصو آهي، ڊونگ جون اڳوڻو سامونڊي ڪمانڊر آهي جنهن کي گذريل سال ڊسمبر ۾ لي شنگ فو جي جاءِ تي دفاع جو وزير بڻايو ويو هو. لي شنگ فو وٽ اها وزارت رڳو 7 مهينا هئي ۽ کيس ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي حڪمران ڪميونسٽ پارٽي مان ڪڍيو ويو هو. بيجنگ گذريل سال دوران هٿياربند فوج ۾ مبينه بدعنو??ني خلاف ڪريڪ ڊائون کي وڌيڪ گهرو ڪيو آهي،هن مهيني صدر شي جن پنگ فوج ۾ بدعنو??ني جي خاتمي ۽ پنهنجي جنگي تياري کي مضبوط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چين ج?? ڳجهي راڪيٽ فورس جيڪا چين ج?? روايتي ۽ ايٽمي ٻنهي طرح جي اسٽريٽجڪ ميزائلن ج?? وسيع هٿيارن ج?? نگر??ني ڪندي آهي کي خاص طور تي سخت جاچ پڙتال جو منهن ڏسڻو پيو. جولاءِ ۾ راڪيٽ فورس جي هڪ اعليٰ چيني اهلڪار سن ج?? منگ کي حڪمران ڪميونسٽ پارٽي مان ڪڍيو ويو هو، کيس بدعنواني، پارٽي نظم و ضبط ۽ قانونن ج?? سنگين ڀڃڪڙين ج?? الزام ۾ جاچ هيٺ رکيو ويو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونگ جون بابت پڇاڻو ڪرڻ تي نه ته بيجنگ جي پرڏيهي وزارت ۽ نه ئي واشنگٽن ۾ سندس سفارتخ??ني ڪو جواب ڏنو آهي.
چين جي حڪومت پاران دفاع واري وزير ڊونگ جون خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ شروع
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا