پيرس-06 نومبر (اي پي پي) فرانس ۾ 7 خاندانن ٻارن کي نقصانڪار م??اد سبب متاثر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ چيني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي ڪيس داخل ڪيو آهي. اي ايف پي موجب فرا??سي??ي خاندانن سوشل ميڊيا پليٽ فور?? خلاف عدالت جو رخ ڪيو آهي. انهن خاندانن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ اٽڪل 1.6 ارب صارفين وارو اهو پليٽ فارم ٻارن کي اهڙو م??اد فراهم ڪري ٿو جيڪو انهن کي نقصان پهچائيندڙ، آپگهات ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي عادتن ۾ خرابين طرف راغب ڪري ٿو انهن ۾ اهڙا خاندان به شامل آهن جن جي نياڻين آپگهات ڪيو ۽ 4 اهڙا خاندان به آهن جن جو چوڻ آهي ته ٻارن ٽڪ ٽاڪ جي م??اد جي اثر هيٺ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم سان شڪايت ڪندڙ هڪ ٻئي خاندان جو چوڻ آهي ته ان ايپ سبب انهن جي ٻارکي کاڌي جو مسئلو ٿي ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس