بيجنگ – 05 آگسٽ (اي پي پي) چين ڪشم??ر مسئلي تي پنهن??ي مستقل ۽ واضح موقف جو ورجاءُ ڪندي سفارتي ذر??عن سان پراڻي تڪرار جي پر امن حل جي ضر??رت تي زور ڏنو آهي. ڪشم??ر ميڊيا سروس مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڪشم??ر مسئلي تي چين جو موقف مستقل ۽ واضح آهي ته ڪشم??ر مسئلو تاريخ جو مڃيل تڪرار آهي ۽ ان کي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ٻطرفي معاهدن مطابق پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ هڪ طرفي ڀارتي ڪارروائين خاص طور تي گذريل 5 سالن ۾ تڪراري علائقي جي حيثيت ۽ آبادي جي شرح تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن جي باري ۾ صحافين جي سوال جو جواب ڏيندي چيني ترجمان سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته هو هڪ طرفو قدم کڻڻ کان پاسو ڪن جنهن سان صورتحال وڌيڪ مُشڪل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن