رياض-05 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ مختلف شعبن ۾ ملڪ کي فائدو په??ائيندڙ ڪيترن ئي سائنسدانن، ڊاڪٽرن، محققن، انوويٽرز، ڪاروباري ??خصيتن ۽ غير معمولي صلاحيتون رکندڙ ماڻهن کي سعودي شهريت ڏيڻ جو شاهي فرمان جاري ڪري ڇڏيو آهي. هڪ خابرُو اداري ??ن شاهي فرمان جي ح??الي سان ٻڌايو آهي ته جن ماڻهن کي شهريت ڏني وئي آهي انهن قانوني، طبي ، سائنسي ، ثقافتي ، راندين ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ ملڪ کي فائدو په??ايو آهي. ان کان علاوه اهو ويزن 2030ع جو حصو آهي جنهن جو مقصد پر ڪشش ماحول کي وڌائڻ آهي جنهن ذريعي انساني صلاحيتن ۾ سيڙپڪاري ڪري ??گهجي ٿي ۽ مشهور ۽ تخليقي ماڻهن کي راغب ڪري ??گهجي ٿو . بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها مملڪت جي ان منصوبي ۾ توسيع آهي جنهن ۾ غير معمولي مهارتون رکندڙ ماڻهن ۽ مالڪن کي راغب ڪرڻ آهي جيڪي مملڪت ۾ اقتصادي ، صحت ، ثقافتي ، راندين ۽ انوويٽرز جي ترقي جي ڪوشش ۾ هڪ معياري ??ضافو ڪري ??گهن ٿا . ان کان اڳ 2021ع ۾ سعودي عرب شاهي فرمان ذريعي اهڙن نمايان ۽ غير معمولي ماڻهن کي سعودي شهريت ڏني هئي . نومبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي شهريت حاصل ڪن??ڙ ۾ ڪيترن شعبن سان تعلق رکندڙ 27 ماڻهو شامل آهن جن ۾ مشهور اسلامڪ اسڪالرز ، ڊاڪٽرز ۽ تعليم جي شعبي جا ماهر شامل آهن.
سعودي عرب ۾ سائنسدانن، ڊاڪٽرن سميت ڪيترن ماڻهن کي شهريت ڏيڻ جو شاهي فرمان جاري
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável