رياض -11 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي اسلامي معام??ن واري وزارت خادم حرمين شريفين جي پروگرام تحت حج لاءِ ايندڙ 9 ملڪن جي وڌيڪ 145 شاهي مهمانن جي آجي??ن ڪئي آهي. ميڊيا مطابق هن وقت تائين 75 ملڪن جا هڪ هزار 75 شاهي مهمان سعودي عرب ??هچي چڪا آهن. ياد رهي ته سڄي دنيا جي 88 ملڪن مان 3 هزار 322 حج پانڌيئڙا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي خصوصي دعوت تي حج جو فرض ادا ڪندا. انهن ۾ ٻه هزار حج پانڌيئڙا فلسطين ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمي شهرين جي وارثن مان هوندا جڏهن ته 22 حج پانڌيئڙا سعودي عرب ۾ ڌار ٿيل سيامي ٻارن جا والدين هوندا. اسلامي معام??ن واري وزارت ان پروگرام تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪندي آهي. سعودي اسلامي معام??ن واري وزير ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ جي هدايت تي شاهي مهمانن جي خدمت لاءِ قائم ڪميٽيون حج پانڌيئڙن جي آمد جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، رهائش، کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ کان علاوه ٻيون خدمتون فراهم ڪندا.
هڪ هزار شاهي مهمان حج لاءِ سعودي عرب پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری