اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي ??يليفون ڪري زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? ترڪيه جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته هو قيمتي انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي ترڪيه ڀاءُ ۽ ??وا?? سان گڏ آهي. هن چيو ته زلزلي جي تباهي کي ??نهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه جي حڪومت ۽ ??وا?? سان ڀرپور تعاون ڪندي. وزير??عظ?? چيو ته موسمياتي ??بد??لين جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد، خطي ۽ مخصوص قوم تائين محدود نه آهي. هن مارجي ويلن جي مغفرت، پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وزير??عظ?? شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو وزير??عظ?? ۽ پاڪستاني ??وا?? جي جذبن جو قدر ڪري ٿو.
وزيراعظم پاران ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون، زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا