اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي ۽ حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. وفد پاران حڪومت کي توانائي جي بچت جي مختلف قدمن تي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي وئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان جي موجوده معاشي ۽ ڪاروباري صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي 5 رڪني وفد ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين محمد اورنگزيب ڪئي. وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي وزير??عظ?? کي يقين ڏياريو ته پاڪستان بزنس ڪائونسل ملڪي معيشت جي مڪمل بحالي جي لاءِ حڪوم?? سان گڏ بيٺل آهي. وفد معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ مفيد تجويزون ڏنيون، جن جي آجيان ڪندي وزير??عظ?? چيو ته گذريل حڪومت جي مجرماڻي غفل?? سان گذر??ل 4 سالن دوران ملڪي معيشت جي ناقابل تلافي نقصان پهتو. جڏهن اسان جي اتحادي حڪومت قومي خدمت جي جذبي تحت ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري تي بيٺل هئي، اسان هر شعبي ۾ ڀرپور محنت ۽ لڳن سان ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ملڪي معيشت کي تباهي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو ذمو کنيو. وزير??عظ?? حڪومت جي ان عزم کي به ورجايو ته اها هر حال ۾ ڪاروباري طبقي جي تعاون ۽ عوام جي حماي?? سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آڻيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اقتصادي معاملن ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزير??عظ?? جي صلاحڪار احد چيما، وزير??عظ?? جي خاص معاونين طارق باجوه، ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ايف بي آر جي چيئرمين عاصم احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ ??ملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائنده وفد جي ملاقات، حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná