اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون سدائين پنهنجي ٽيم کي چيو ته ”گهٻرايو نه“، اڄ مخالف ڌر کي چوان ٿو ته ”گهٻرايو نه“، پاڪستاني نوجوانن هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جيڪ?? انقلاب آيو آهي ان مان فائدو کڻندي نوجوان ۽ ملڪ خوشحالي ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ٿي سگهن ٿا، حڪومت اي – واپار جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ??تم ڪندي، رجسٽرڊ فري لا??سرز جي لاءِ زيرو ٽيڪس ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ ڪجهه سالن دوران آءِ ٽي جي شعبي ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اي – واپار پورٽل جي افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، وزيراعظم ج?? خاص معاون عون عباس بپي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته منهنجي باري ۾ هتي ڳالهه ڪئي وئي ته مون سڀ کان وڌيڪ جملو ڪهڙو ڳالهايو آهي ته آئون پاڻ توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مون سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه چئي اها اها آهي ته ”گهٻرايو نه“، اسان جڏهن حڪومت سنڀالي ته حالتون تمام خراب هيون ۽ ملڪ ڏيوالپڻو ٿي چڪو هو، مون کي ٽيم جو فڪر هو ته اها گهٻرائجي ويندي، ان لاءِ مون انهن کي ??لقين ڪئي ته ”گهٻرايو نه“، جڏهن سڀ کان مشڪل ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي خلاف اسان کيڏندا هئاسين تڏهن به آئون پنهنجي ٽيم کي ??هو ئي چوندو هئس ۽ اڄ آئون اپوزيشن کي چوان ٿو ته ”گهٻرايو نه“. وزيراعظم بهترين پريزنٽيشن تي عون عباس بپي کي ??راج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته هن بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ ان ۾ جذبو ۽ جنون آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ وڏا موقعا آهن ۽ ان شعبي ۾ انهن پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ج?? انقلاب اچي ويو آهي، نوجوانن کي ??ن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام ٿورا قدم کڻي روانگي واپار ۾ اسان 2 ارب کان پوڻا 4 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهيون، ايندڙ ڪجهه سالن تائين آءِ ٽي جو روانگي واپار 50 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ سمورين رڪاوٽن کي ??تم ڪندي ۽ مراعتن ۽ سهولتن ۾ اضافو ڪندي، اسان رجسٽرڊ فري لا??سرز جي لاءِ زيرو ٽيڪس ڪري ڇڏيو آهي، مون بل گيٽس کي پاڪستان جي دوري دعوت ڏني، هو اهڙ?? انسان آهي جنهن وڌيڪ پئسو ڪمائڻ بدران پوليو ج?? خاتمي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ ان لاءِ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو، گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان ۾ پوليو جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو، بل گيٽس کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ به سندس خدمتن مان فائدو کنيو وڃي، ان سلسلي ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ خوشخبري ڏيندس. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي ??ڏهن به موقعو ملي ٿو اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪن ٿا پر سسٽم انهن کي ??ڳتي وڌڻ نه ٿو ڏي، جيترو ٽيلينٽ پاڪستان ۾ آهي دنيا ۾ ڪٿي به نه آهي، سسٽم نه هجڻ جي باوجود نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا، حڪومت ملڪ ۾ ٽن قسمن جي تعليمي نظام جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پرائمري تائين هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته اسان جو تعليمي نظام عام ماڻهو کي مٿي اچڻ نه ٿو ڏي، امير ۽ غريب جي لاءِ جدا جدا نظام جو خاتمو ٿي ويو آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ حڪومت هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، نوجوانن کي مختلف قسم جا ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، نوجوان خاص طو?? تي عورتون آءِ ٽي جي ڪري گهر ويٺي ڪاروبار ڪري رهيون آهن، اسان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ انهن جي صلاحيتن مان فائدو کڻي نه رڳ?? انهن کي ??وزگار فراهم ڪري سگهجي ٿو پر معيشت کي ??ه ان سان تمام گهڻو فائدو ٿيندو. ان کان اڳ وزيراعظم اي – واپار جي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ انعام ورهايا ۽ اي – واپار پورٽل جو افتتاح ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين تقريب کي ??طاب ڪندي چيو ته اڳ ۾ بئنڪون ڏينهن ۾ ٽرانزيڪشن ڪنديون هيون پر هاڻي اهو ڪم سيڪنڊز ۾ ٿي رهيو آهي، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي سڄي دنيا جا پاڪستاني فائدو کڻي رهيا آهن، سڄي دنيا ۾ ڊيجيٽل اڪانومي کي فروغ ملي رهيو آهي، حڪومت اي – ڪامرس جي لاءِ تمام گهٽ عرصي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ گذريل سال 47 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن سال 75 سيڪڙو تائين اضافي جي اميد آهي، اسان ان شعبي ۾ هر سال 100 سيڪڙو اضافو چاهيون ٿا، ان سلسلي ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم ج?? خاص معاون عون عباس بپي تقريب کي ??طاب کي ??طاب ڪندي چيو ته انٽرنيٽ ذريعي شين جي خريد ۽ وڪرو اي ڪامرس آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي، 30 کرب ڊالر جي اي – ڪامرس ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو اي – ڪامرس جي ٽريڊ کي ??جسٽرڊ ڪيو، پاڪستان ۾ 10 لک ايڪٽو فري لا??سرز اي – ڪامرس جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، حڪومت ان شعبي جي ترقي ت?? خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت اي – ڪامرس جي شعبي ۾ جدت اچي رهي آهي، ان جي ذريعي روانگي واپار کي ??سان بڻايو ويو آهي، حڪومت سچي ملڪ ۾ ٿري جي ۽ فور جي نيٽ ورڪ وڌايو آهي، نئين تيز ترين فائبر آپٽيڪل وڇائي وئي آهي جنهن سان انٽرنيٽ يوزرز ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اي – ڪامرس جي شعبي سان 36 سيڪڙو عورتون واڳيل آهن جڏهن ته 30 سيڪڙو بطور ليبر ڪم ڪري رهي آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ ساڍا 3 ارب ڊالر تائين اضافي جي اميد آهي، اي – ڪامرس جي لاءِ نوجوانن کي ??ربيت ڏني پئي وڃي، پاڪستان فري لا??سرز جي انگ جي لحاظ کان چوٿين وڏي مارڪيٽ آهي، 50 هزار ايس ايم ايز کي ڊيجيٽل شاپس جي تربيت ڏني ويندي.
مون سدائين پنهنجي ٽيم کي چيو ته ”گهٻرايو نه“، اڄ مخالف ڌر کي چوان ٿو ته ”گهٻرايو نه“: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado