اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ م??تحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن سوڊان جي لاءِ پ??ڪستان جي نامزد ڪيل سفير مير بهروز ريڪي بلوچ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي و??ير مير بهروز ريڪي بلوچ کي بطور سفير نامزدگي تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ سوڊان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي استحڪام جي حوالي سان خصوصي هدايتون ڏنيون. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ م??تحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي و??ير سياسيت، واپار، ثقافت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ سوڊان سان لاڳاپن کي وڌيڪ م??تحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، سوڊان جي لاءِ پ??ڪستان جي چونڊيل سفير مير بهروز ريڪي بلوچ پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪندي ان کي پاڪستان ۽ سوڊان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فر??غ لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن