اسلام آباد -03 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس گلزار احمد سان ڪرڪ ۾ تيري مند?? جي دوري تي آيل مختلف ملڪ?? جي هندو ياتري?? جي وفد هتي سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي. عدالت سڳوري پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق چيف جسٽس هندو ياتري?? جي وفد جي آجيان ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي برداشت آهي، پاڪستان ۾ هر شهري کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي، پاڪستان جون عدالتون بنيادي حقن جون محافظ آهن. پاڪستا?? جي عدالتن هميشه پاڪستا?? جي آئين تحت اقليتي برادري جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان هندو ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار به موج??د هو جنهن چيف جسٽس گلزار احمد کي وفد جي باري ۾ ٻڌايو. ڊاڪٽر رميش ڪمار ڪرڪ ۾ تيري مند?? جي بحالي لاءِ چيف جسٽس گلزار احمد جي قدمن ج?? به واکاڻ ڪئي. وفد ملاقات لاءِ وقت ڏيڻ تي چيف جسٽس جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا