اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين ينگ پارليامينٽرين فورم جي چونڊن ۾ ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري ۽ قومي ??سي??بلي ميمبر مخدوم زين قريشي کي بنا مقابلي صدر، ڪنول شوذب (جنرل سيڪريٽري)، تاشفين صفدر (ميڊيا ڪوآ??ڊي??يٽر)، رومينه خورشيد عالم (نائب صدر)، سيد مرتضيٰ محمود، (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ سيده نوشين افتخار کي ناڻي واري سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري فواقي وزير چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نوجوانن جي شموليت وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار سماجي ترقي لاءِ نوجوان قانونسازن جو ??ردار اڻٽر آهي، هن چيو ته ينگ پارليامينٽرين فورم نوجوان پارليامينٽرينز جي تربيت ۽ صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم آهي، اميد آهي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جا نوان چونڊيل عهديدار ان ڏس ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا، واضح رهي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جو پيٽرن ڊپٽي اسپيڪر قومي ??سي??بلي قاسم خان سوري آهي، ينگ پارليامينٽرين فورم جون چونڊون سندس نگراني ۾ منعقد ٿيون.
چوڌري فواد حسين پاران ينگ پارليامينٽرين فورم جي نون چونڊيل عهديدارن کي مُبارڪُون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ