اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس سبب 65 فوتگيون ٿيون جنهن مان 23 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 724 ماڻهن جا ڪور??نا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 69 سيڪڙو، ??اه??ر ۾ 44 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪور??نا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 38 سيڪڙو، صوابي ۾ 44 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 45 سيڪڙو، ملتان ۾ 57 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 59 هزار 76 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 18 هزار 132، پنجاب ۾ 25 هزار 245، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 859، اسلام آباد ۾ 4 هزار 961، بلوچستان ۾ هڪ هزار 410، گلگت بلتستان ۾ 459، آزاد ڪشمير ۾ 1010 ٽيسٽ شام?? آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 27 هزار 843 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 517 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 60 هزار 268 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 8 هزار 576 آهي.
ڪورونا سبب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 65 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : apostas quina