اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ت??ريڪ انصاف جي سينيئر ق??ادت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) ۾ شهباز شريف جي ڪردار تي س??ت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف ۽ پي ايم ايل (ن) پي اي سي کي بدعنواني جي ڪيسن جي خلاف هڪ ڍال طور استعمال ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ اين آر او ممڪن نه آهي، ڪنهن سان به نه ڊيل ٿيندي ۽ نه وري ڍر ڏني ويندي، بدعنواني جي ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان ت??ريڪ انصاف جي سينيئر ق??ادت جو اجلا?? ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں