شجاع آباد – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي صرف سياسي ا??تحڪام سان ئي ممڪن آهي، اسان هر طرح جو نظام آزمايو آهي جنهن سان سـٺا نتيجا حاصل ناهن ٿيا، پاڪستان صرف جمهوريت جي اندر ئي اڳتي وڌندو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنج سالن ۾ اربين روپين جا ترقياتي منصوبا نه رڳو شروع ڪيا پر مڪمل ڪرايا جنهن جو 65 سالا تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، ملتان – سکر موٽر وي جي ملتان شجاع آباد حصي جي تڪميل سان علائقي جي عوام صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد پهچي سگهندي جيڪو مقرر ??دي کان هڪ ??ال اڳ مڪمل ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ملتان، سکر 294 ارب روپين جي لاڳت واري منصوبي جي ملتان کان شجاع آباد حصي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس