گڏيل قومون- 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آه?? ته غزه ۾ اسرائي??ي نسل ڪشي سبب هڪ ملين (10 لک) کان وڌيڪ ٻار ذهني صحت جو ش??ار آهن، کين نفسياتي علاج جي ضرورت آه?? جنهن جو فنڊ دستياب ناهي. اها ڳالهه گڏيل قومن جي ٻارن جي سار سنڀال بابت اداري يونيسيف جاري ڪيل پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي. يونيسيف چيو ته غزه جا ٻار اسرائيل جي شديد بمباري، خاندان جي ماڻهن جي شهادتن ۽ ناڪه بندي وارن علائقن ۾ خوفناڪ انساني صورتحال سبب خوف جو ش??ار آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آه?? ته آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه ۾ اسرائيلي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ 19 هزار فلسطيني ٻار يتيم ٿي چڪا آه??. دماغي صحت جي ماهرن خبردار ڪيو آه?? ته غزه ۾ ٻارن جي ذهني صحت تي مهينن کان جاري ??سرائيلي جنگ جو وڏو اثر نسلن تائين برقرار رهي سگهي ٿو. ان کان علاوه غزه ۾ فلسطين جي شهري ??فاع واري کاتي جو چوڻ آه?? ته گذريل پنج مهينن دوران جنگ سٽيل علائقن ۾ اسرائيلي حملن سبب 70 فلسطيني ٻار مارجي ويا آه??. هڪ تازي رپورٽ ۾ يونيسيف چيو آه?? ته 2025ع جي پهرين هفتي دوران غزه جي پٽي ۾ اسرائيل جي بي رحماڻي تشدد ۾ 74 ٻار مارجي ويا. يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل تشدد جي خاتمي لاءِ فوري ??نگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو ته غزه جي ٻارن لاءِ نئون سال وڌيڪ فوتگيون ۽ مسئلا کڻي آيو آه?? جنهن ۾ مبينه طور تي 74 ٻار شهيد ٿيا آه??. هن نئين سال جي شروعات ۾ ٻارن جي ان انگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪي يا ته مارجي ويا يا ته پنهنجي پيارن کي وڃائي چڪا آه??. آڪٽوبر 2023ع کان اسرائيل غزه جي پٽي ۾ 46 هزار 565 فلسطينين کي شهيد ڪيو آه?? جنهن ۾ وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آه?? جڏهن ته 109، 378 زخمي ٿيا آه??. اسرائيل غزه ۾ خوراڪ ۽ بنيادي سامان جي فراهمي روڪي شهرين کي فاقه ڪشي کي هٿيار طورتي استعمال ڪري ??هيو آه??.
غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب 10 لک ٻار ذهني صحت جي بحران جو شڪار آهن: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis