انقره – 26 نومبر (اي پي پي ) ترڪيه جي صد?? رج?? طيب اردوان چيو آهي ته ترڪيه غزه تڪرار ختم ٿيڻ تائين فلسطيني عوام جي حمايت جاري رکنداسين . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن ڪابينه جي اجلاس بعد چ??و ته اسان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي پوري طاقت ۽ وسيلن سان حمايت ڪنداسين. جيستائين نسل ڪشي ختم نه ٿي ٿئي ۽ غزه ۽ فلسطين کي مڪمل طورتي آزاد نٿو ڪيو وڃي سندن حمايت جاري رهندي . هن چ??و ته ترڪيه سمورن عالمي پليٽ فارمز تي فلسطين جي حمايت ڪري رهيو آهي . ترڪيه جي صد?? چ??و ته اسان هن مشڪل وقت ۾ مظلوم فلسطيني عوام لاءِ پنهنجي ڀائراڻي ??رض کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون . اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ سندس قاتلن جي نيٽ ورڪ جي چوڌاري گهيرو سخت ٿيندو پيو وڃي . هن چ??و ته عالمي فوجداري عدالت اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير يو او گيلنٽ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن جيڪو هڪ جرائت منداڻو قدم آهي.
غزه تڪرار ختم ٿيڻ تائين فلسطيني عوام جي حمايت جاري رکنداسين: ترڪيه جو صدر
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس