قاهره-05 جنوري (اي پي پي) عر?? پارليامينٽ فلسطينين کي غزه مان جبري طور تي بي دخل ڪرڻ جي هر تجويز کي رد ڪندي ان جي مذمت ڪئي آهي. عر?? پارليامينٽ گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ??يو آهي ته 1967 جي اليمي جو منظر نامو ورجائڻ جو سوال پيدا نه ٿو ٿئي. غزه فلسطيني سر زمين آهي ۽ مڪمل خودمختيار رياست جو نه ٽٽندڙ حصو آهي ۽ رهندو. عر?? پارليامينٽ زور ڀريو آهي ته قابض اسرائيلي حڪومت جي ??يترن ئي انتهاپسند وزيرن جا نسل پرستي وارا بيان انهن جي وحشياڻي ذهنيت جي عڪاسي ڪري رهيا آهن ۽ ان قسم جي بيانن سان علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. اهڙا بيان عالمي انساني قانون ۽ عالمي قانوني ٺهرائن جي ??ليل خلاف ورزي آهن. عر?? پارليامينٽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي فلسطيني عوام خلاف اجتماعي نسل ??شي جي جنگ بند ڪرائن ۽ انهن جبري بي دخلي وارين اسڪيمن کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻن. واضع رهي ته ڪيترن ئي اسرائيلي وزيرن ??يو آهي ته غزه مان فلسطينين کي بي دخل ڪيو وڃي، غزه پٽي تي ٻيهر قبضو ڪيو وڃي ۽ اتي يهودي وسنديون آباد ڪيون وڃن.
غزه فلسطيني رياست جو حصو آهي: عرب پارليامينٽ
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری