پيرس_28 ڊسمبر(اي پي پي) فرانس جي صدر ايما نو??ل ميڪرون اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو س??ن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ غزه ۾ وڏي تعداد ۾ عام شهرين جي موت ۽ انساني هنگامي صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو، فرانس جي صدارتي محل مان جاري ڪيل بيان موجب اسرائيلي وزيراعظم س??ن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ايما نو??ل ميڪرون فلسطيني شهرين جي تحفظ لاءِ ??سرائيل جي ذميواري،غزه جي ماڻهن کي امداد پهچائڻ جي فوري ضرورت ۽ علائقائي ۽ عالمي شراڪت دران پاران دير پا جنگ لاءِ ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو، فرانس جي صدر چيو ته ان مقصد لاءِ ??نهن جو ملڪ ايندڙ ڏينه?? ۾ ??ردن سان گڏجي غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي سرگرميون شروع ڪندو، هن اسرائيل تي زور ڀريو ته هو اولهه ڪناري ۾ فلسطيني شهرين خلاف يهودي آبادڪارن جي تشدد کي روڪڻ لاءِ ??مورا ضروري قدم کڻي ۽ ڪنهن به يهودي وسندي جي تعمير جي نئين منصوبي تي عمل در آمد نه ڪري ڇاڪاڻ ته اهڙا قدم فلسطين جي مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ ??طرو آهن.
فرانس جي صدر جو اسرائيلي وزيراعظم کي ٽيليفون، غزه ۾ وڏي تعداد ۾ عام شهرين جي موت تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک