گڏيل ??ومون-21 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آ??ي ته انسانيت فوسل فيول جي استعمال تي ڀاڙي جهنم جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. سعودي خابرو اداري موجب هن گذريل ڏينهن ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ جي شروعات ڪندي چيو ته وڌندڙ غير معمولي موسمي حالتن ۽ عالمي گرمي پد باوجود گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ مسلسل اضا??و ٿي رهيو آ??ي ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنيون شاندار منافعو ڪمائينديون آهن. هن چيو ته ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ ڪو معمولي فورم ناهي، ان ۾ رهنما يا ڪابينا جا وزير مخصوص قدمن جو اعلان ڪندا جيڪي پئرس جي معاهدي تحت ان جي واعدن کي پورو ڪن ٿا. هن هلندڙ سال گرمي پد ۾ خوفناڪ حد تائين ا??اف?? ۽ ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جي تاريخي واقعن جو ??ڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مستقبل اوهان جهڙن اڳواڻن کي لکڻو آ??ي. هن چيو ته هاڻي به عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري تائين محدود ڪري سگهون ٿا، اسان هاڻي به صاف هوا ۽ سڀني لاءِ سستي ماحول دوست توانائي جي دنيا بڻائي سگهون ٿا، هن چيو ته عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري تائين محدود ڪري ماحولياتي تبديلي جي ڊگهي مدي واري تباهي آڻيندڙ اثرن کان بچي سگهجي ٿو.
انسانيت فوسل فيول جي استعمال تي ڀاڙي جهنم جا دروازا کولي ڇڏيا آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی