اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين سان پا??ستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي. برطانوي هاءِ ڪمشنر وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته هلندڙ سال جي ٻي ڇهه ماهي ۾ برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي پا??ستان جي دوري جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون، ان دوران برطانوي ميوزيڪل بينڊ به پا??ستان جو دورو ڪندو. وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۽ ميوزيڪل بينڊ جي پا??ستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته راندين سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي لاءِ اها هڪ سٺي خبر آهي، شهرين کي وڌيڪ هڪ اسپورٽس تفريح جو ماحول ميسر ايندو، وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين پا??ستان جي 75 هين يوم آزادي جي مناسبت سان پا?? برطانيه گڏيل پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي ضر??رت تي زور ڏنو. وفاقي وزير م??ڊي?? ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومت جي قدمن کان برطانوي هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته برطانيه جي اعليٰ يونيورسٽين وانگر م??ڊي?? ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهڻ جي لاءِ برطانوي مدد گهربل آهي، وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي فروغ ڏيڻ لاءِ فلم جي تياري ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو.
چوڌري فواد حسين سان پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ