اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي قطر جي امير شيخ تميم بن خليفه آل ثاني ۽ نائب امير شيخ عبدالله بن حمد مبارڪباد ڏني آهي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران اجري بيان موجب قطر جي امير ۽ نائب امير جي مبارڪباد جي پيغام جي جواب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??طر ۽ پاڪستان ڀا??ر ملڪ آهن ۽ ڀا??يچاري ۽ اسلامي ڀا??يچاري جي عظيم رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. وزيراعظم چيو ته ??طر ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني رهن ٿا ۽ اهي قطر کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ??طر جي امير شيخ تميم بن حمد پاڪستان جي هر مشڪل ۽ ڏکئي وقت ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي مدد ڪئي آهي جنهن جي اسان تمام گهڻي قدر ڪريون ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??ستقبل ۾ پاڪستان ۽ قطر جي لاڳاپن کي نئين بلندين ۽ ويجهڙائ?? تائين پهچائينداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ??طر سستي ترين ايل اين جي فراهم ڪري پاڪستان کي روشن بڻائڻ ۾ ناقابل فراموش مدد ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير ۽ نائب امير پاران مبارڪباد واري پيغام تي نيڪ خواهشن ۽ ٿورن جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي امير ۽ نائب امير پاران مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب