اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) 82 هين پا??ستان ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ هٿي??رب??د فوج جي گڏيل پريد ۽ مارچ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم عمران خا، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن، ڪابينا جي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن ۽ پا??ستان جي لاءِ نمايان خدمتن تي تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ٻين مهمانن هٿي??رب??د فوج جي گڏيل پريڊ جو مظاهرو ڪيو. سعودي عرب، ترڪي، ازبڪستان، آذربائيجان ۽ بحرين سميت دوست ملڪن جي دستن پڻ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. هٿي??رب??د فوج جي دستن صدر، وزيراعظم، دفاع واري وزير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي سلامي ڏني. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پريڊ ۾ شامل فوجي دستن جو معائنو پڻ ڪيو. پا?? فضائيه جي سربراهها ي??ر چيف مارشل ظهير احمد تازو ئي پا?? فضائيه جي فضائي ٻيڙي ۾ شامل ٿيندڙ نئين جي – 10 سي جيٽ جهازن سميت پا?? فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن جي مختلف فارميشنز جي فلائي پاسٽ جي قيادت ڪئي. پريڊ ۾ آرمرڊ ڪور، آرٽلري، رينجرز، ايئر ڊفينس، ڪوسٽ گارڊز، آرمڊ فورسز نرسنگ سروس جي عورت دستن، پا?? بوائز اسڪائوٽس ۽ گر??ز گائيڊز پڻ حصو ورتو.
82 هين پاڪستان ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال