اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير برنارڊ چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام، امن ۽ ترقي جي لاءِ دوحه امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان ??و ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جنهن کي آمريڪا سميت عالمي ب??ادري تسليم ڪيو آهي، افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت امن ۽ استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. پريس ريليز موجب هن ??يو ته آم??يڪا ۽ عالمي ب??ادري پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪيو آهي ۽ جرمني به ان مثبت ڪردار کي ساراهي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مستقبل ۾ به افغانستان ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ??يو ته پاڪستان طالبان کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو افغانستان ۾ هڪ اتحادي حڪومت جوڙين. هن ??يو ته پاڪستان کي خطي ۾ پنهنجي اهميت ۽ ڪردار جو چڱي ريت اندازو آهي. جرمن سفير چيو ته ڪابل ۾ سڀني ڌڙن تي ٻڌل هڪ ٺوس حڪومت هن ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ڪردار بابت هڪ سوال تي جرمني جي سفير چيو ته انهن مان ڪو به افغانستان ۾ عدم استحڪام نه ٿو چاهي ڇو ته اهو سياسي تباهي ??و ڪارڻ ثابت ٿيندو. هن ??يو ته جيڪڏهن ??جهه ملڪن جا مفاد ۽ تناظر مختلف آهن جيڪي قابل فهم آهن پر سڀ حقيقي معنيٰ ۾ سمجهن ٿا ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير هيڪوماس جي تازي پاڪستان جي دوري ب??بت هڪ سوال جي جواب ۾ سفير چيو ته سندس دورو پاڪستان سان گڏيل لاڳاپن ۽ خطي ۾ جاري صورتحال بشمول افغانستان بابت هو.
افغانستان ۾ استحڪام، امن ۽ ترقي جي لاءِ دوحه امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: جرمن سفير
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II