اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سياحتي ماڳن جي فروغ ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ حڪمت عملي ۽ منصوبابندي جي فوري آغ??ز جي هدايت ڪن??ي چيو آهي ته ملڪ ۾ مختلف قسم جي سياحت جي فروغ سان معاشي عمل ۾ تيزي ايندي ۽ مقامي آبادين جي لاءِ نوڪرين ۽ روز??ار جا موقعا به ميسر ايندا. ان حوالي سان سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به کنيل قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ بحري معاملن واري وزير سيد علي حيدر زيدي، پنجاب جي وڏي وزير سر??ار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خاص مدد??ار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار آصف محمود، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ملڪ ۾ سياحتي ماڳن جي فروغ ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ حڪمت عملي ۽ منصوبابندي جي فوري آغاز جي هدايت
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا