پشاور – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ??هي ته نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انق??اب سان حل ٿيندو، انق??اب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر رڳو ڪم سان اچي ٿو، ماضي ۾ منصوبن جا اعلان ۽ سنگ بنياد رکيا ويندا هئا جڏهن ته منص??با مڪمل نه ٿيندا هئا، اسان جي حڪومت جيڪو منصوبو شروع ڪيو ??هو مڪمل ڪيو، موجوده حڪومت هزارين ڪلوميٽر موٽرويز ۽ 10 ه??ار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ج??هن ته نيشنل انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، نوجوانن کي روزگار ملندو ته انتهاپسندي جو خاتمو ٿيندو. هو پشاور ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ??ه پبلڪ پرائيويٽ حصيداري ۾ قائم اداري جو افتتاح هن علائقي ۽ آءِ ٽي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هي انڪيوبيشن سينٽر پائليٽ پراجيڪٽ آهي. هن چيو ??ه هزارين ڪلوميٽر موٽرويز، 10 ه??ار ميگاواٽ بجلي جي پيداوار، اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جا منص??با مسلم ليگ (ن) جي موجوده دور ۾ مڪمل ٿيا يا جاري آهن جڏهن ته انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، ان سان نوجوانن کي مستقبل جي رهنمائي ملندي.
نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز