اسلام آباد – 11 جنو??ي (اي پي پي) خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين چيو آهي ته سٺي اخلاق تي عمل ڪري ڪيترين ئي معاشرتي براين کا?? بچي سگ??جي ٿو، دين اسلام اخلاق تي سڀ کا?? وڌيڪ زور ڏيندو آهي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ اسڪول جي شاگردياڻين سان ڳالهائيندي چئي. اخلاقي تربيت جو هي سلسلو گذريل ڪافي عرصي کا?? ??ار?? آهي ته جيئن ڇوڪرين جي تعليم سان گڏوگڏ انهن جي اخلاقي تربيت تي به ڌيان ڏئي سگهجي. بيگم محموده ممنون حسين چيو ته اخلاق حسنه صرف اهو ئي ناهي ته ماڻهن سان سٺي طريقي سان مليو وڃي پر انهن سمورن معاملن کا??سواءِ سٺي اخلاق ۾ اڃان به گهڻيون شيون شامل آهن جهڙوڪ ايمان، درست عقيده، توحيد ۽ نماز روزي جي پابندي، نيڪ عمل، سٺين عادتن، ماڻهن جي معاملن ۾ سچائي، ننڍڙن سان شفقت ۽ محبت ۽ وڏن جو ادب ۽ احترام، والدين جي خدمت، انهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ، پاڙيسرين سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ، عزيز، رشتيدارن، دوستن سان سٺو سلوڪ، ماڻهن جي معاملن ۾ عدل ۽ انصاف، آخرت جي فڪر، قرآن مجيد جي تلاوت، اسلام جي رڪن جي پابندي، حقوق العباد ??ي ادائيگي ۽ بي ايماني ۽ ناانصافي، حرام جي ڪمائي، بيواهه ۽ يتيم جو مال کائڻ کا?? پري رهڻ وغيره سڀ شيون سٺي اخلاق ۾ شامل آهن.
سٺي اخلاق تي عمل ڪري ڪيترين ئي معاشرتي براين کان بچي سگهجي ٿو: بيگم محموده ممنون حسين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر