پيرس -23 سيپٽمبر (اي پي پي ) فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون چيو آهي ته يورپ کي مستقبل ۾ روس سان پنهنجن ناتن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن پيرس ۾ امن بابت هڪ عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي ان حقيقت کي نظر ۾ رکند?? يورپ ۾ امن بابت سوچڻ گهرجي. يورپ رڳو يورپ?? يونين ۽ نيٽو تائين محدود ناهي. هن چيو ته اسان يورپي سياسي برادري کي ترقي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪري ر??يا آهيون پر اسان ک?? يورپ جي هڪ نئين تنظيم جي باري ۾ سوچڻ ۽ پوءِ روس سان ناتن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. هن يورپي ۽ عالمي قوم تي زور ڀريو ته هو ان ڳالهه تي ڌيان ڏين ته عالمي نظام ک?? ڪيئن بهتر بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل