رياض-06 آگسٽ (اي پي پي ) عرب ليگ ج?? سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ??ان ملاقات ۾ غزه بحران ??ي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز موجب سيڪريٽري جنرل جي ترجمان ??مال رشدي ٻڌايو ته ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .ملاقات دوران ??رب ليگ ج?? سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث خبردار ڪيو ته اسرائيل جي هاڻوڪن قدمن سان ??طي کي سنگين خطرا درپيش آهن. ملاقات ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين معاملن ۾ عرب ليگ ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپن کي اڳيان وڌائڻ جي طريقن جو به جائ??و ورتو ويو. ان موقعي تي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملا خاص طور تي غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت دوران فلسطيني ڪاز جي حوالي سان ??ڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪريٽري جنرل عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها فلسطين جي عوام خاص ڪري غزه جي شهرين جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڀري، جيڪي اسرائيلي حملن سبب روزانو مشڪلاتن جو شڪار آهن . هن فوري جنگبندي، فوري امداد جي فراهمي ۽ ٻه رياستي حل تي عمل ل??ءِ اعتماد جوڳو رستو ڪڍڻ لاءِ به زور ڀريو. عرب ليگ ج?? سيڪريٽري جنرل فلسطينين جي حمايت ۾ عالمي فورم ۾ ترڪيه جي اصولي ۽ چٽي موقف جي تعريف ڪئي. ڌرين شام، ليبيا ۽ سوڊان ??ي تازي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات، غزه بحران تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔