رياض-31 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت حج پانڌئيڙن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪرنسي تبديل ڪرائڻ لاءِ لائسنس يا فتح مني چينچرز جون خدمتون حاصل ڪن. اردو نيوز موجب وزارت جاري هدايتن جي حوالي سان وڌيڪ چيو آهي ته مختلف ملڪن ک??ن آيل حج پانڌيئڙا احتياطي قدمن کي نظر ۾ رکندي رقم تبديل ڪرائڻ لاءِ غير قانوني ماڻهن سان رابطو نه ڪن ته جيئن کين ڪنهن مشڪل کي منهن نه ڏيڻو پوي. وزارت چيو ته لائسنس يافته ڪمپنيون ۽ اد??را سعودي مرڪزي بئنڪ جي نگراني هي?? ڪم ڪندا آهن.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا