اسلام آباد ??? 10 – آگسٽ (اي پ?? پي) جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون عروج تي پ??چي ويون آهن، بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ اسٽالز لڳي ويا جتي قومي جهنڊن، بيجز ۽ اسٽيڪرز جو وڪرو جاري آهي، ننڍن ٻارن جي لاءِ جشن آزادي جي مناسبت ??ان لباس ۽ شرٽس جي انهن اسٽالز تان خريداري جاري آهي، هر طرف سبز هلالي جهنڊن جي بهار اچي چڪي آهي، دڪانن، گ??رن ۽ گاڏين تي قومي جهنڊا لهرايا پيا وڃن جڏهن ته نوجوانن پنهنجي پ??هنجي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن کي پڻ قومي جهنڊن سان سينگاري ڇڏيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن اي پ?? پي جي سروي موجب شهر جي مختلف علائقن، گ??ٽين، پاڙن، رستن، عمارتن ۽ ٻين جاين کي انتهائي خوبصورتي سان سجايو پيو وڃي. خاص طور تي ٻارن ۾ جشن آزادي ملهائڻ جي تيارين جي حوالي سان جوش ۽ جذبو ڏسڻ جهڙو آهي. شهر جي سمورن علائقن ۾ جشن آزادي جي حوالي سان پاڪستاني جهنڊن، جهنڊين، بيجز ۽ ٻين سجاوٽ وارين شين جي وڪري جي لاءِ سوين عارضي اسٽالز لڳايا ويا آهن، جتان شهري جشن آزادي ملهائڻ جي لاءِ مختلف سجاوٽ جون شيون خريد ڪري سگهن ٿا. ٻار، وڏا بزرگ ان اهم ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ هر طرح جي تيارين ۾ مصروف اچن ٿا.
جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون عروج تي پهچي ويون
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا