لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ??واد رفيق ملڪ وزيراعظم کي منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ موجب بريفنگ دوران وزيراعظم ??مران خان منصوبي تي عملدرآمد دوران ماحولياتي تحفظ ۽ واٽر ڪنزرويشن جي لاءِ سختي سان عملدرآمد جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبو پنجاب جي معيشت ۽ لاهور شهر جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ مشڪل معاشي صورتحال ۾ هن منصوبي سان ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته راوي ريور فرنٽ پراجيڪٽ سان لاهور جي رهواسين جي لاءِ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ??مران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ترقياتي منصوبن جي حوالي سان هر رڪاوٽ ترجيحي بنيادن تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ??ن هدايت ڪئي ته پراجي??ٽ جي مڪمل ٿيڻ دوران ماحولياتي نظام تي منفي اثر نه پون ۽ واٽر ڪنزرويشن جو پڻ خاص خيال رکيو ??ڃي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا