اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب خان ۽ وزيراعظم جي پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر چيو آهي ته پاڪستا?? ۾ ??يٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هن وقت به سڀ کان گهٽ آهي، گذريل 46 ڏينهن ۾ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ 112 سيڪڙو اضافو ٿيو، پاڪستا?? ۾ ??يٽروليم مصنوعات جون قيمتون اٽڪل 25 سيڪڙ?? وڌايون ويون آهن، وزيراعظم جو ويزن آهي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، اسان جو مقابلو مافياز ۽ ذخيره اندوزن سان آهي، انهن کي به بي نقاب ڪنداسين، مسلم ليگ (ن) 2015ع ۾ مافياز کي تحفظ ڏنو، اسان مافياز کي ٽوڙينداسين، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا لائيسنس رد ڪرڻ جي لاءِ اوگرا کي مضبوط بڻائينداسين، غيرقانوني پمپن جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو، اوگرا پاران ڪيل ڏنڊ ناڪافي آهن، 30 ڏينهن ۾ سمورن آئل ڊپوز جا انگ اکر سڌوسنئون دستياب هوندا، آئل ريفائنرين جي اپ گريڊيشن وقت جي ضرورت آهي، غيررجسٽرڊ پيٽرول پمپن جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، پاور ڊويز?? ۾ ??نهنجو ڪو عمل دخل نه آهي، پنهنجي اثاثن جا تفصيل ڪابينا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، وزيراعظم چاهي ته انهن کي پبلڪ ڪري ڇڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو ته حقيقت هن وقت اها آهي ته عالمي منڊي ۾ گذريل 46 ڏينه?? ۾ ??يٽرول جي قيمت 112 سيڪڙ?? وڌي آهي. اسان پاڪستان ۾ ان جي قيمت ۾ اٽڪل 25 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. جنهن وقت ق??متون گهٽ ٿي رهيون هيون ان وقت به وزيراعظم جي ويزن موجب پاڪستان جي عوام کي رليف ڏنو ويو ۽ هاڻي به پاڪستان جي عوام ۽ پاڪستان جي پورهيتن کي وزيراعظم تحفظ ڏئي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هن وقت به سڀ کان گهٽ آهي: عمر ايوب/ نديم بابر
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان