پنڊ د??دن خان/ جهلم – 13 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان قوم جي ٻارن جي ڦريل دولت واپس وٺنداسين، ٻنهي پن??نجي دورن ۾ جيڪا ڦرلٽ ڪئي آهي انهن کان اهو پئسو واپس وٺنداسين ڇو ته اهو اسان جي ٻارن جو پئسو آهي، 10 سالن ۾ ملڪ کي 97 ارب ڊالر جو قرضي بڻايو ويو، ميرٽ ۽ شفافيت تي يقين رکون ٿا، انهن ماڻهن کي جيل ۾ ته دل جو دورو پوي ٿو پر گهر ۾ اهي ٺيڪ هوندا آهن، پنڊ د??دن خان جي هر ڳوٺ ۾ لوڻياٺو پاڻي مٺو ڪرڻ جي لاءِ چين جي مدد سان پلانٽ لڳائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونين ڪائونسل گولپور تعلقي پنڊ د??دن خان ضلعي جهلم کي بجلي جي فراهمي جي منصوبي جي افتتاح کانپ??ءِ خطاب ۽ ڪوٽ گچا ۽ پٿرندي ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد