نيويارڪ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. اها ملاقات گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿي، ??نهي اڳواڻن ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، ??درن، ثقافت، تاريخ، گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلجي ويا آهن ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اهي وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل ذريعي اداراجاتي رابطن کي ساراهيندي ٻنهي اڳواڻن سياسي، دفاعي، ??اپاري ۽ سيڙپڪاري مٽاسٽا جي فروغ تي اطمينان جو ا??هار ڪيو.
وزيراعظم سان ترڪي جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری