گڏ??ل قومون-07 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو افغان عبوري حڪومت کي ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪرڻ جي پاڪستان جي مطالبي جي حمايت ڪري جيڪو پاڪستان جي فوجي ۽ سولين هدفن تي حملن لاءِ مسلسل زميوار آهي. گڏ??ل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن 15 رڪني سلامتي ڪا??ونسل ۾ افغانستان جي صورتحال تي بحث دوران خبردار ڪيو ته القاعده ۽ ڪجهه رياستي سرپرستن جي حمايت يافته ٽي ٽي پي جلد ئ?? عالمي دهشتگردي جي خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پاڪستاني نمائندي چيو ته افغان عبوري حڪومت جي ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي ان جي پنهنجي علائقي تي مڪمل ڪنٽرول جي ان دعويٰ جي ابتڙ آهي ته هو عالمي برادري جي شناخت جي خواهشمند آهي. هن گڏ??ل قومن تي به زور ڀريو ته هو ان ڳالهه جي جاچ ڪري ته ٽي ٽي پ?? جديد فوجي ساز ۽ سامان ۽ هٿيارن ڪيئن حاصل ڪيا ۽ ٽي ٽي پي جي مالي مدد جي ذريعن جي نشاندهي ڪئي وڃي، جيڪا ان جي 50 هزار جنگجوئن ۽ ان جي ڪفالت هيٺ ماڻهن ۽ ان جي دهشتگرد ڪا??رواين لاءِ مدد ڪري رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته سلامتي ڪا??ونسل پاڪستان جي ان مطالبي جي حمايت ڪندي ته افغان حڪومت ٽي ٽي پي سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪري ۽ ٽي ٽي پي ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن کي پاڪستان يا ٻين پاڙيسري ملڪن خلاف سرحد پار حملا ڪرڻ کان روڪيو وڃي. پاڪستاني نمائندي افغان جي صورتحال تي سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ تي ڪجهه اعتراض به پيش ڪيا، جن ۾ پاڪستان ۾ تحفظ جي نامناسب ماحول جي دعويٰ به شامل آهي. ان حوالي سان هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تقريبن 50 لک افغان پناهگيرن ک?? عالمي برادري جي تمام گهٽ مدد سان وڏي اقتصادي، سماجي ۽ سلامتي جي قيمت تي ميزباني ڪري رهيو آهي.
سلامتي ڪائونسل افغان عبوري حڪومت کي ٽي ٽي پي سان لاڳاپا ختم ڪرڻ تي زور ڀري: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج